پاڪ فوج پاران قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل سپورٽ جو اعلان

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪ فوج قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل سپورٽ جو اعلان ڪيو آهي. جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر اجلاس ٿي گذريو. اجلاس دوران فورم جيو اسٽريٽيجڪ صورتحال ۽ اولهندي سرحد تي حالتن جو جائزو ورتو.  ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪنهن به قسم جي اڳرائيءَ جو ڀرپور ڏيڻ جي عزم جو اظهارڪيو. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ کانپوءِ پاڪستان خوشحالي جي رستي تي هلي رهيو آهي.  هن چيو ته پاڪستان جنهن هاڪاري رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، ان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ئي سڀ کان اهم آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *