پاڪ فوج فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي مڪمل حمايت ڪري ٿي: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر موجب فاٽا جي قبائلي اڳواڻن ۽ يوٿ جرڳي آرمي چيف سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن دوران وفد پاڪ فوج جي سربراهه سان فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته پاڪ فوج فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، نوجوان فاٽا ۾ امن ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *