راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل باجوا 40 بريگيڊئيرن جي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي جي منظور ڏئي ڇڏي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ آرمي پروموشن بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪ فوج جي 40 آفيسرن جي بريگيڊئير کان ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته ترقي ماڻيندڙ آرمي ميڊيڪل ڪور جا 11 بريگيڊيئرز به شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب ترقي حاصل ڪندڙن ۾ ظفر اقبال مروت، شاڪر الله خٽڪ، محمد اويس دستگير، عامر نويد، محمد اعجاز مرزا، تبسم حبيب، محمد شجاع انور، دلاور خان، سرفراز آصف محمود گورايا، ڪمال اظفر ۽ محمد علي خان شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب ڪاشف آزاد، ماجد جهانگيرم اظهر وقاص، عاڪف اقبال، عمر احمد بخاري، محمد احسن خٽڪ، عنايت حسين، عادل يامين، محمد حسن خٽڪ، محمد عامر نجم، محمد عقيل ۽ ڪامران احمد ستي کي به ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ سيد امداد حسين شاهه، ڪاشف ظفر، خرم انور قادري، احمد شريف چوڌري، محمد عليم، احسن الطاف ۽ نصرت رضا کي به بريگيڊئير مان ميجر جنرل جي عهدي تي پروموٽ ڪيو ويو آهي.