پاڪ فوج جي چئن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي

راولپنڊي: (م ڊ)  پاڪ فوج جي چئن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ترقي حاصل ڪندڙن ۾ ميجر جنرل ساحر شمشاد مرزا، ميجر جنرل نعمان محمود، ميجر جنرل اظهر عباس ۽ ميجر جنرل فيض حميد شامل آهن.گذريل هفتي به پاڪ فوج جي 40 آرمي آفيسرز کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي هئي، پروموشن جو فيصلو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ٿيندڙ پروموشن بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.برگيڊيئر ڪمال اظفر، بريگيڊيئر محمد علي خان، بريگيڊيئر محمد ڪاشف آزاد، بريگيڊيئر ماجد جهانگير، بريگيڊيئر اظهر وقاص ۽ بريگيڊيئر عاڪف اقبال ترقي حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن. ان کان علاوه بريگيڊيئر عمر احمد بخاري، بريگيڊيئر محمد احسن خٽڪ، بريگيڊيئر عنايت حسين، بريگيڊيئر عادل امين، بريگيڊيئر محمد حسن خٽڪ ۽ بريگيڊيئر عامر ميجد کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي.ميڊيڪل ڪور جي 11 بريگيڊيئرز کي پڻ ترقي ڏني وئي آهي جن ۾ بريگيڊيئر احسن الطاف، بريگيڊيئر سيد نصرف رضا، بريگيڊيئر ڪرامت حسين شاهه بخاري، بريگيڊيئر فرخ سيد، بريگيڊيئر قدرت الله ملڪ، بريگيڊيئر عامر اڪرام، بريگيڊيئر شاهد حميد چوڌري، بريگيڊيئر محمد قاسم بٽ، بريگيڊيئر فرحان طيب ۽ بريگيڊيئر افشين اقبال شامل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *