راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج لائين آف ڪنٽرول تي شهرين کي نشانو بڻائيندڙ ڀارتي پوسٽ تباهه ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڀارتي فوجي مارجي ويا. پاڪ فوج جي تعلقات عامه جي مطابق ڪارروائي تته پاڻي سيڪٽر ۾ ڪئي ويئي جنهن ۾ متعدد ڀارتي فوجي زخمي به ٿيا. آئي ايس پي آر جي مطابق بيگناهه سهرين جي خلاف ڀارتي دهشتگردي جو منهن توڙ جواب ڏنو ويندو. آئي ايس پي آر پاران ڀارتي پوسٽ کي نشانو بنائيندڙ جي وڊيو به جاري ڪئي ويئي اهي جنهن ۾ پوسٽ شديد شيلنگ ۽ اتان دونهون اٿيندي ڏٺو ويو. ان کان پهريان ڀارتي فوج هڪ دفعو بيهر لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي اسڪول وين کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور شهيد ٿي ويو آءِ ايس پي آر جي مطابق ڀارتي فوج پاران شهرين کي نشانو بڻائڻ غير اخلاقي ۽ غير پيشورانه سلسلو جاري آهي. پاڪ فوج جي عشبه تعلقات عامه جي مطابق ڀارتي فورسز پاران اسڪول وين کي نشانو بڻائيندڙ جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران سوشل ميڊيا تي وين ۾ ويٺل هڪ شاگرد جي وڊيو به شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو ڀرتي اشتعال انگيزي جي باري ۾ ٻڌائي رهي آهي.