راولپنڊي(م ڊ): هٿياربند فوج سموريون ميڊيڪل سهولتون ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون آهن.آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب قومي سلامتي ڪميٽي 13 مارچ جي فيصلن جي روشنيءَ ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن، هٿياربند فوج سموريون ميڊيڪل سهولتون ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون آهن، سموري ملڪ ۾ ملٽري اسپتال ۾ ليبارٽريون قائم ڪيو ويون آهن، اي ايف آءِ پي راولپنڊي ۾ به سينٽرل ٽيسٽنگ ليب قائم ڪيون ويون آهن.ان بابت آرمي چيف جو چوڻ آهي ته سمورا ڪمانڊر سول انتظاميا جي مدد ڪندا، پاڪستاني عوام جو تحفظ ۽ حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي.