پاڪ سر زمين پارٽي سدائين ڪشميري ڀائرن سان گڏ رهندي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪ سر زمين پارٽي سدائين ڪشميري ڀائرن سان گڏ رهندي، ڪراچي جو عوام جنهن اميد سان اسان ڏانهن اچي رهيو آهي ان تي ئي جدوجهد ڪنداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پي ايس پي جي تاريخي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ تي سمورن ڪراچي واسين جو ٿورائتو آهيان.  اسان جي قول ۽ فعل ۾ فرق ناهي، جيڪو چونداسين اهو ئي ڪندي نظر اينداسين. ماڻهن جو سمنڊ اسان ڏانهن اچي رهيو آهي مختلف پارٽين جا 300 کان وڌيڪ ذميوار اسان وٽ موجود آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جا 14 ميمبر، مسلم ليگ نواز جا 14 ميمبر، متحده قومي موومينٽ جا 3 سيڪٽر انچارج ۽ مرڪزي شعبي مان 6 ذميوار اسان وٽ آيا.  14 سيڪٽر ميمبر، 33 يونٽ انچارج، 37 جوائنٽ يونٽ انچارج اسان وٽ آيا جڏهن ته سني تحريڪ جا 15 ميمبر به اسان وٽ آيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *