پاڪ روس جي لاڳاپن ۾ استحڪام ۾ سفارتڪار اهم ڪردار ادا ڪري رهيا اهن : گورنر

ڪراچي(اين اين آءِ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته ٻن ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۾ سفير اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پاڪ روس ٻه طرفي تاريخي، ثقافتي لاڳاپا ڪيترن ئي سالن کان هلندا پيا اچن، 2011 ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ روس پنهنجي سفارتي لاڳاپن ۾ نئين سر جائزو ورتو ۽ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجي ڀاڱي ڀائيوار ڪيو، جنهن کان پوءِ ٻه طرفا لاڳاپن ۾ سٺيون تبديليون ٿي رهيون آهن، اهڙن خيالن جو پنهنجي گورنر هائوس ۾ روس جي ڪائونسل جنرل مسٽر وليگ اين ايوديو سان ڳالهائيندي ڪيو جيڪو الوداعي ملاقات ڪرڻ گورنر هائوس آيو هو، ملاقات ۾ خطي جي هلندڙ صورتحال پاڪ روس ٻه طرفي لاڳاپن سميت اهم معاملن تي تفيصيلي ڳالهه ٻول ڪئي وئي. گورنر چيو ته پاڪستان اسٽيل مل جي قيام گڊو ۽ مظفر ڳڙهه پاور پلانٽ ۾ روس جي ٽيڪنيڪي مدد اهم ثابت ٿي. روس جي سيڙپڪارن کي ٿرڪول منصوبي ۾ ڀرپور دلچسپي جو اظهار ٻه طرفي لاڳاپن جو چٽو مثال آهي، هن چيو ته امن ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ پرڏيهه سيڙپڪارن لاءَ آئيڊيل ماحول آهي. ملاقات ۾ ڪائونسل جنرل گورنر کي ٻڌايو ته ان کي مقرري دوران تمام گھڻي محبت ۽ پيار مليو پاڪستاني تمام محبت ڪرڻ وارا ماڻهون آهن. منهنجي هميشا کان اها ڪوشش رهي آهي ته ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط رهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *