روالپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪ افغان سرحد تي تار لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، آرمي چيف جي هدايتن تي پوري پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائي پئي وڃي، پهرين مرحلي ۾ باجوڙ، مهمند ۽ خيبر ايجنسي ۾ ڪنڊيدار تار لڳائي پئي وڃي، آءِ ايس پي آر موجب ٻئي مرحلي ۾ بلوچستان سميت ٻين سرحدي علائقن ۾ تار لڳائي ويندي، پاڪ فوج ۽ ايف سي ڪي پي نوان فورٽس، بارڊر پورٽس تعمير ڪري رهيون آهن، محفوظ پاڪ افغان سرحدون ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ آهن، مربوط بارڊر سڪيورٽي مڪينزم پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي.