پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 118 ڄڻا فوت،5 هزار 358 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(بيورو)  پاڪستان ۾ ڪورونا جا متاثر تيزي سان وڌڻ لڳا. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ هڪ لک 60 هزار 118 تائين پهچي ويو جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 118 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 3 هزار 93 ٿي ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 358 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 60 هزار 138، سنڌ ۾ 59 هزار 983، خيبرپختونخواهه ۾ 19 هزار 613، بلوچستان ۾ 8 هزار 794، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 213، اسلام آباد ۾ 9 هزار 637 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 740 ڪيس رپورٽ ٿيا.سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 9 لک 82 هزار 12 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 500 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا هينئر تائين 59 هزار 215 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ٻئي پاسي سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 48 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 2 هزار 286 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 62 هزار 269 ٿي ويو آهي، ڪراچي ۾ 1395، حيدرآباد ۾ 106، خيرپور ۾ 72 ۽ گهوٽڪي ۾ 64 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڏي وزير جو چوڻ هو ته بينظيرآباد ۾ 59، لاڙڪاڻو ۾ 43، ڪشمور ۾ 28، ڄامشورو ۾ 26 ۽ دادو ۾ 22 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته 24 ڪلاڪن دوران 48 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي ويا آهن، هن چيو ته لاڪ ڊائون هلي رهيو آهي، جتي به ڪيس وڌيڪ هوندا اُتي لاڪ ڊائون سخت ڪيو ويندو، ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، عوام کي احتياط ڪرڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *