پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب اڄ وڌيڪ 8 فوتگيون، ڪيسن جو انگ 10811 تي پهچي ويو

اسلام آباد/ ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب اڄ وڌيڪ 8 فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ موذي مرض سبب فوتگين جو گڏيل انگ 228 ٿي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ تصديق ٿيل ڪيسن جو 10811تائين پهچي ويو.228 فوتگين مان سڀ کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه مان سامهون آيون جتي 83 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.ان کان سواءِ سنڌ ۾ 73، پنجاب ۾ 58، بلوچستان ۾ 8 جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ 3-3 ڄڻا ان بيماري سبب فوت ٿيا.اڄ خميس ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 308 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 8 فوتگيون به سامهون آيون آهن جنهن مان سنڌ ۾ 298 ڪيس ۽ 4 فوتگيون، اسلام آباد ۾ 10 ڪيس،  پنجاب ۽ بلوچستان ۾ 2-2 فوتگيون رپورٽ ٿيونسنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 298 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ 4 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويا.سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب موجب سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 69 ۽ متاثر مريضن جو انگ 3373 آهي.سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته نون ڪيسن کان پوءِ  ڪل مريضن جو انگ 3671 ۽ فوتگيون 73 ٿي ويون آهن.وڏي وزير ٻڌايو ته صوبي ۾ رپورٽ ڪيسن ۾ فوتگين جي شرح 1.98 سيڪڙو آهن جڏهن ته سنڌ ۾ ڪل 2934 مريض علاج هيٺ آهن.صوبائي حڪومت ترجمان مرتضيٰ وهاب موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 15 صحتياب ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيلن جو انگ 730 ٿي ويو آحي.پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جون 2 فوتگيون سامهون آيون آهن جيڪي سرڪاري پورٽ: تي رپورٽ ڪيون ويون آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 58 ٿي ويو آهي.پنجاب جي وڏي وزير موجب صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 4590 آهي جڏهن ته صوبي ۾ هن وقت تائين وائرس مان 790 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.وفاقي راڄڌاني ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 10 ڪيس سامهون آيا جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن.رپورٽل موجب اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 204 ٿي ويو آهي جڏهن ته شهر ۾ هن وقت تائين وائرس مان 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *