اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 2 فوتگيون ٿيون آهن، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ فوتين جو گڏيل انگ 88 ٿي ويو آهي، جڏهن ته نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 5170 تائين پهچي چڪو آهي.گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس جي حوالي سان پاڪستان ۾ جي لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳو ڏينهن رهيو، هڪ ئي ڏينهن ۾ 15 فوتگيون ۽ 244 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري فوتگين جو گڏيل انگ 88 ٿي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين 88 فوتگين مان سنڌ ۾ 30 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 31 ۽ پنجاب ۾ 21 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن.ان کان سواءِ گلگت بلتستان ۾ 3، بلوچستان 2 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ فوتگي رپوررٽ ٿي.اڄ هن وقتٿ تائين وائرس جي ڪري 2 ڄڻا فوت ٿيا ۽ 134 نوان ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ 93، پنجاب ۾ 39 جڏهن ته اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ ملڪ ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 5170 ٿي ويو آهي.سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري وڌيڪ 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 30 ٿي ويو آهي ڪڏهن ته وڌيڪ 93 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي جنهن کان پوءِ صوبي ۾ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 1411 ٿي ويو آهي.سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب طرفان سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ 2 فوتگين ۽ 93 ڪيسن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 18 ڄڻا صحتياب ٿي گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن.مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته هن وقت تائين 389 ڄڻا صحتياب ٿي پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن.سنڌ ۾ گذريل ڏينهن به 6 فوتگيون ۽ 104 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو.پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ڊپارٽمنٽ پنجاب طرفان جاري بيان موجب صوبي ۾ وڌيڪ 39 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن کان پوءِ متاثر مريضن جو گڏيل انگ 2464 ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ ڇنڇر جي ڏينهن به ڪورونا وائرس جا 89 ڪيس ۽ 3 فوتگيون سامهون آيون هيون، صوبي ۾ وائرس سبب فوتگين جو انگ 21 آهي.ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پنهنجي سوشل ميڊيا بيان جي ذريعي ٻڌايو ته جتي پاڪستان ڪورونا وائرس جي خلاف جنگ ۾ مصروف آهي اُتي ئي ڊي جي خان مان هڪ سڄي خبر به آهي.عثمان بوزدار ٻڌايو ته 775 زائرين انهن 175 سميت جنهن جو شروعاتي ٽيسٽون مثبت آيون هيون اُهي مڪمل طور تي صحتياب ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن.هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊي جي خان قرنطينه مرڪز ۾ رڳو 74 زائرين باقي رهجي ويا آهن جنهن جو هر طرح سان خيال رکيو پيو وڃي.ان کان سواءِ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ به ڪورونا وائرس مان متاثر 39 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.