اسلام آباد (م ڊ)پاڪستان ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 5 هزار 360 مريض سامهون اچڻ سان گڏوگڏ 81 فوتگيون به رپورٽ ٿيون آهن، جنهن کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ هڪ لک 16 هزار 189 ۽ فوتين جو انگ 2 هزار 297 ٿي ويو آهي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ ڪورونا جا 2 هزار 487 مريض سامهون آيا، جنهن کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 43 هزار 790 ٿي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 42 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 738 تي پهچي چڪو آهي.پنجاب ۾ به اڄ رڪارڊ 2 هزار 641 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ سان گڏوگڏ 34 فوتگيون پڻ سامهون آيون.سرڪاري سطح تي قائم ڪيل ويب سائيٽ موجب صوبي ۾ ڪورونا مريضن جو گڏيل انگ 43 هزار 460، جڏهن ته فوتين جو ڪُل انگ 807 ٿي ويو آهي.اسلام آباد ۾ اربع ڏينهن وڌيڪ 178 ڄڻا ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيا، جڏهن ته 5 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن.وفاقي تخت گاهه ۾ هيل تائين ڪورونا سان متاثرن جو گڏيل انگ 5 هزار 963، جڏهن ته فوتين جو انگ 57 تائين پهچي ويو آهي.گلگت بلتستان ۾ اڄ وڌيڪ 22 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 952 مان وڌي 974 ٿي ويو آهي.انگن اکرن موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 32 نوان مريض سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 444 ٻڌايو ويو آهي.