پاڪستان ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ مقرر 8 سفارتڪار دهشتگردي ۾ ملوث نڪتا، تفصيل جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا ڀارتي هاءِ ڪميشن ۾ مقرر ڀارتي ايجنٽن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، سندس چوڻ آهي ته ڀارتي سفارتخاني جي اهلڪارن جي سي پيڪ خلاف سرگرمين جا ثبوت موجود آهن،8 سفارتڪار پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ملوث آهن جن جا طالبان سان به لاڳاپا آهن. پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران نفيس ذڪريا چيو ته ڀارتي رياستي ادارو هڪ ڊگهي عرصي کان پاڪستان ۾ انتشار پکيڙيندڙ سرگرمين ۾ ملوث آهي،ڀارتي سفارتڪارن جي سي پيڪ خلاف سرگرمين جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته بـَلبيـِر سنگهه فرسٽ پريس سيڪريٽري، راجيش ڪمار اگني هوتري ڪمرشل قونصلر، ماڌون نند ڪمار ويزا اسسٽنٽ، جيا بالن اسسٽنٽ پرنسپل ويلفيئر آفيس. انوراگ سنگهه فرسٽ ڪمرشل سيڪريٽري ۽ امر ديپ سنگهه ويزا اتاشي طور ڪم ڪري رهيو هو. نفيس ذڪريا ٻڌايو ته ڌرميندر ۽ وجي ڪمار به ڀارتي ڳجهين ايجنسين جا ايجنٽ آهن، هـِي سمورا ماڻهو سي پيڪ منصوبي کي نقصان پهچائڻ توڙي ڪراچي، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۾ سرگرم هئا جڏهن ته هنن جا تحريڪ طالبان سان به لاڳاپا هئا. پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارتي سفارتڪارن کي ويانا ڪنوينشن تحت گرفتاريءَ کان ڇوٽ حاصل آهي، پاڪستان ويانا ڪنوينشن جو احترام ڪري ٿو ان ڪري ڀارتي سفارتڪارن کي حراست ۾ ناهي ورتو ويو. هن چيو ته نئين دهلي ۾ پاڪستاني سفارتڪارن کي گرفتار ڪري مٿن تشدد ڪيو ويو جنهن بعد سندن سفارتي اهلڪارن جا نالا ميڊيا تي ڏئي انهن جي زندگين کي خطري ۾ وڌو ويو آهي ۽ کين وطن واپس موڪليو ويو آهي جيڪا ويانا ڪنويشن جي ڀڃڪڙي آهي. ڀارتي اڳرائيءَ بابت ترجمان چيو ته گذريل چئن مهينن کان ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، هـُو واضح ڪرڻ چاهين ٿا ته پاڪستان پنهنجي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. پاڪ افغان لاڳاپن ۽ شربت گلا جي گرفتاريءَ بابت نفيس ذڪريا ميڊيا کي آگاهه ڪيو ته افغان عورت شربت گلا جو ڪيس عدالت ۾ آهي، هن غير قانوني ڪم ڪيو آهي پر هنن افغان عورت جي ڪيس تي انساني بنيادن تي عمل ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *