ڪراچي(پ ر) پاڪستان ۾ پائيدار جمهوريت جو قيام آزاد ميڊيا جي وجود سان مشروط آهي، پاڪ چين اقتصادي راهداري مان سنڌ سميت پوري ملڪ کي فائدو ٿيندو، مسلم ليگ ن صوبائيت بجاءِ قومي ترقي تي يقين رکي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر (ر) جنرل عبدالقيوم ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز جي ميٽ دي ايڊيٽرز پروگرام ۾ ڪيو، ان موقعي تي مسلم ليگ ن جو نائب صدر سينيٽر سليم ضياءَ به موجود هو، هن چيو ته پرنٽ ميڊيا جو ڪردار مجموعي طور تي انتهائي ذميوارانه آهي، هن چيو ته ااندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان مڪمل آگاهه آهيون ۽ هر جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، پاڪستان دنيا جي بهادر فوج، ايٽمي هٿيار ۽ جديد ميزائيل ٽيڪنالاجي سان ليس آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ دهشتگردن جي اڏن ۽ سهولتڪارن کي ختم ڪيو ويو، جنهن مان پوري ملڪ خاص طور ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو، ان موقعي تي سي پي اين اي سيڪريتري جنرل اعجاز الحق حڪومتي قدمن کي سارايندي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو