اسلام آباد(م ڊ) سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ وينٽي ليٽرز تيار ٿي ويا آهن ۽ انهن جي پهرين کيپ اين ڊي ايم اي کي هن هفتي ڏني ويندي.فواد چوڌري وينٽي ليٽرز تيار ڪرڻ تي نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن کي مبارڪ ڏني ۽ دعويٰ ڪئي ته وڌيڪ 3 ڊزائنون به آخري مرحلي ۾ آهن.وفاقي وزير چيو ته سموريون مشينون يورپي معيار تحت آهن ۽ پاڪستان دنيا جي ڪجهه انهن ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو جيڪي پيچيده ميڊيڪل مشينون ٺاهن ٿا.