پاڪستان ۾ وڌيڪ 4 فوتگيون، انگ وڌي 100 ٿي ويو،5812 متاثر

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ اڄ ڪورونا وڌيڪ 4 حياتيون ڳڙڪائي ويو، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 100 ٿي ويو، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 5812 تائين پهچي چڪو آهي.ملڪ ۾ هيل تائين سڀ کان وڌيڪ 35-35 فوتگيون سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ 24 ڄڻا، بلوچستان ۾ 2، گلگت ۾ 3 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي.اڄ اڱاري ڏينهن سڄي ملڪ ۾ هيل تائين وڌيڪ 269 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن ۽ 4 فوتگيون به رپورٽ ٿيون آهن.اڱاري ڏينهن سنڌ ۾ وڌيڪ 66 ڪيس ۽ 4 فوتگيون، پنجاب ۾ 200 ڪيس، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا.سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جي وڌيڪ 66 ڪيسن ۽ 4 فوتگين جي تصديق وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪئي، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 1518، جڏهن جڏهن ته فوتين جو انگ 35 ٿي ويو آهي.وڏي وزير موجب اڄ وڌيڪ 8 ڄڻا صحتياب به ٿيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 427 ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 2 سئو ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو مجموعي انگ 2856 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ان وبا سبب 24 ڄڻا حياتيون به وڃائي چڪا آهن.پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ترجمان موجب صوبي ۾ هيل تائين 508 ڄڻا وائرس مان ڇوٽڪارو به حاصل ڪري چڪا آهن.آزاد ڪشمير ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس سامهون آيا، جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ٿيا آهن.پورٽل موجب علائقي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 43 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اڃا تائين ڪا به فوتگي سامهون ناهي آئي.بلوچستان ۾ سومر ڏينهن رڳو هڪ ڪيس سامهون آيو هو، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو انگ 231 ٻڌايو ويو هو.صوبائي صحت کاتي جي ترجمان موجب وائرس جو شڪار مريضن ۾ 18 ڊاڪٽر ۽ 3 پيرا ميڊڪس به شامل آهن.سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ هيل تائين ان وبا سبب 2 ڄڻا فوت ٿيا آهن، جڏهن ته 124 مريض صحتياب ٿي چڪا آهنخيبر پختونخواهه ۾ سومر ڏينهن 56 نوان ڪيس ۽ هڪ فوتگي رپورٽ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ اتي متاثرن جو انگ 800، جڏهن ته فوتين جو انگ 35 ٿي ويو هو.صوبائي صحت کاتي ٻڌايو هو ته ڪي پي ۾ وڌيڪ 8 ڄڻا صحتياب ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ ان وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 153 ٿي چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *