پاڪستان ۾ هن وقت سنگين ۽ اهم مسئلو پاڻي جي کوٽ آهي زرعي زمينون بنجر ٿي رهيون آهن؛نفيسه شاهه

خيرپور (رپورٽ؛ شاهد سيال) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت سنگين ۽ اهم مسئلو پاڻي جي کوٽ آهي زرعي زمينون بنجر ٿي رهيون آهن وفاقي حڪومت سڄي صورتحال جي ذميوار آهي ن ليگ رڳو مجهي ڪيون نڪالا جو راڳ ڳائي رهي آهي، آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي صوبن کي پاڻي جي ضرورت مطابق پاڻي جي ورهاست جي ڪابه پاليسي نظر نٿي اچي تربيلا ڊيم ڊيڊ ليول تائين پهچي چڪو آهي پر وفاقي حڪومت جا ذميوار وزير پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي ملڪي پاليسي مطابق خارجه ۽ سيڪيورٽي واري صورتحال نه پر ذاتي ٽوئٽ ڪري رهيا آهن جيڪا غير ذميواري آهي. هڪ طرف ملڪ جو عوام 16، 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ سبب شديد ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي ته وري ٻي طرف عوام کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪيو پيو وڃي. تربيلا ڊيم مان 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي ليڪيج ٿي رهيو آهي جنهن تي وفاقي حڪومت جو ڪو به ڌيان ڪونهي. هن اهڙو اظهار پريس ڪلب خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته وفاقي حڪومت پاڻي جي کوٽ بابت اڳواٽ تياري ڇو نه ڪئي ۽ تربيلا ڊيم جي ليڪيج بابت پاليسي ڇو نه جوڙي. هن چيو ته وفاقي حڪومت وٽ عوام جي سوالن جو ڪو به جواب نه آهي فيڊرل گورنمنٽ جي اها ذميواري آهي ته هو سڄي صورتحال بابت بندوبست ڪري. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته سينيٽ آئيڊل هائوس هوندو آهي جتي سمورن صوبن جو حق هوندو آهي سينيٽ ۾ ترجيحات مطابق ووٽ ڪن. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته هڪ طرف مريم بي بي ووٽ جي اهميت بابت ڳالهائي ٿي ته ٻي طرف بلوچستان جي وڏي وزير پاران 500 ووٽ کڻڻ تي ان مٿان تنقيد ڇو پئي ڪري. سينيٽ اليڪشن ۾ چوڌري سرور، مظفر شاهه ۽ امير مقام ڪيئن ڪامياب ٿيا انهن کان نٿو پڇيو وڃي ته هنن ڪئين ووٽ کنيا ان تي تنقيد ڇو نٿي ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته رضا رباني پارٽي جو اثاثو آهي ۽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ فيصلو ڪرڻ پارٽي قيادت جو ڪم هوندو آهي اسان سڀني کي رضا رباني تي فخر آهي محترم آصف علي زرداري کي سڀ خبر آهي ته ڪهڙي رانديگر کي ڪٿي راند ڪرائڻي آهي قيادت ئي فيصلو ڪندي آهي ته ڪهڙي وقت ڇا ڪرڻو آهي. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت پوري ضلعي ۾ تعليمي ادارا خيرپور ميڊيڪل ڪاليج، مهراڻ انجيئرنگ ڪيمپس، زرعي ڪاليج، آءِ ٽي ايمرجنگ ڪاليج ۽ ٻيا ادار ٺاهيا آهن. اوورسيز پاڪستانين جي وزير کان ڪنهن اهو پڇيو ته هن ڪيترا بيروزگار نوجوانن پرڏيهه موڪليا آهن 40 سالن کان خدمت واري سياست ڪيون ٿا ۽ خدمت واري پاليسي تي يقين رکون ٿا. ان موقعي تي پريس ڪلب جو صدر خان محمد، پ پ ضلعي خيرپور جو اطلاعات سيڪريٽري علي شير مڪول، فقير ذاڪر هيسباڻي، عتيق الرحمان ڦلپوٽو، عبدالقدوس بروهي، زاهد ڳنڀير، رياض سولنگي، رميز سومرو ۽ ٻيا وڏي تعداد ۾ موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *