پاڪستان ۾ هر سال 25 ارب رپين جو پاڻي زيان ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ مزمل حسين انڪشاف ڪيو آهي ته پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ هجڻ سبب پاڪستان ۾ هر سال 25 ارب رپين جو پاڻي زيان ٿي رهيو آهي. واپڊا چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس دوران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته تربيلا ڊيم ۾ مٽي ڀرجڻ سان پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت 36 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي، تربيلا ڊيم کي بچائڻ لاءِ ايندڙ 7 سالن ۾ ديامير ڀاشا ڊيم ٺاهڻ اڻٽر آهي، 70 ورهين ۾ اسان رڳو ٻه ڊيم ٺاهيا، جيڪا بدقسمتي آهي. هن چيو ته ساليانو 145 ميلن ايڪڙ فٽ پاڻي پاڪستان ايندو آهي پر اسان رڳو 14 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي اسٽور ڪري سگهندا آهيون، جنهن سبب 25 ارب رپين جو پاڻي هر سال زيان ٿيندو آهي. واپڊا چيئرمين ٻڌايو ته نيلم جهلم پن بجلي منصوبي جي لاڳت 4 اربن کان شروع ٿي هئي، جيڪا هاڻ 5 سئو اربن تائين وڃي پهتي آهي. واپڊا اختيارين ڪميٽي کي بريفنگ دوران وڌيڪ ٻڌايو ته واپڊا جي سڀني منصوبن تي 3 سئو ارب رپين جو قرض آهي، ساليانو سود ۽ قرضن جي مد ۾ 40 ارب رپيا اضافي ادا ڪيا پيا وڃن، ساليانو قرضن جي مد ۾ 5 ارب، جڏهن ته 35 ارب سود جي مد ۾ ادا ڪيا ويندا آهن. اختيارين موجب پراجيڪٽ لاڳت گڏائي ساليانو 57 ارب رپيا ادا ڪيا پيا وڃن، هلندڙ سال 152 ارب رپين جو قرض ورتو ويو، جيڪو سڄي قرض کان ڌار آهي. 1987ع کان اڄ تائين ٽن سڪوڪ بانڊز جي ادائيگي ڪئي وئي آهي، پهريون سڪوڪ بانڊ 8 ارب رپين جو هو، جيڪو منگلا ڊيم جي ادائيگي لاءِ جاري ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيو سڪوڪ بانڊ 25 اربن جو هو. انهن سڪوڪ بانڊز تي ساڍا 7 سيڪڙو شرح سود ادا ڪيو ويو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پن بجلي جي اگهن ۾ اضافي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. نويد قمر جو چوڻ هو ته حڪومت سڄو بار ٽيرف ذريعي واهپيدارن تي وجهي ڇڏيو آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *