پاڪستان ۾ منهنجا ڪيترائي چاهيندڙ موجود آهن: راني مکرجي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا راني مکرجي چيو آهي ته پاڪستان ۾ منهنجا ڪيترائي چاهيندڙ موجود آهي، منهنجي دلي خواهش آهي ته لاهور ڏسان، جڏهن به موقعو مليو ته اتي ضرور وينديس. هڪ انٽرويو ۾ خوبصورت اداڪارا راني مکرجي جو چوڻ هو ته ماضي ۾ منهنجون فلمون جيتريون پاڪستان ۾ ڪامياب ٿيون، ايتريون ڪٿي به نه ٿيون. هن چيو ته مون کي پاڪستاني شهر لاهور گهمڻ جو ڏاڍو شوق آهي، جڏهن حالتون سڌريون ۽ موقعو مليو ته ضرور گهمڻ وينديس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *