پاڪستان ۾ سروي بين الاقوامي معيار ۽ قانون موجب ڪئي وئي، اعتراض ۽ تنقيد بي بنياد آهي: آءِ آر آءِ
February 12, 2017 at 11:31 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ) تازي سروي ۾ وزيراعظم نواز شريف کي مقبول ترين ليڊر قرار ڏيندڙ انٽرنيشل ريپبلڪن انسٽيٽيوٽ انتظاميا واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيل سروي بين الاقوامي معيار ۽ قانون مطابق ڪئي وئي جنهن تي تنقيد بي بنياد آهي، ميڊيا رپورٽ موجب آمريڪا جي اداري آءِ آر آءِ سيپٽمبر ۽ آڪٽومبر 2016 دوران پاڪستان ۾ ٿيل سروي جي حوالي سان پي ٽي آءِ ۽ وڌيڪ حلقن پاران تنقيد ڪرڻ تي پنهنجي تازي بيان ۾ چيو ته سروي لاءِ ڄاڻ کي مارڪيٽ جي بين الاقوامي معيار ۽ سوشل ريسرچ جي طريقي بابت مڪمل ڪيو ويو آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته سروي ۾ پنجاب صوبي، ڪي پي ڪي، سنڌ ۽ بلوچستان جي 75 تعلقن جي 4 هزار 978 رهواسين کان راءِ ورتي وئي ۽ علائقن کي چونڊن لاءِ پي پي ايس جو طريقو اختيار ڪيو ويو، گهراڻن کي رينڊم والڪ ميٿڊ ذريعي چونڊيو ويو ته جيئن شروعاتي نقطي جي چونڊ ڪري سگهجي ۽ پوءِ انهن گهراڻن کي انٽرويو لاءِ چونڊ ڪرڻ لاءِ سڄي هٿ واري قانون کي اختيار ڪيو وڃي، ترجمان ٻڌايو ته ان چونڊل گهراڻن ۾ 18 سال يا ان کان وڏي ماڻهو کي ڇانٽي ڪرڻ لاءِ ڪاش گرڊ جو طريقو استعمال ڪيو ويو، جنهن سان تربيت يافته پاڪستاني عملي گهرن ۾ وڃي ماڻهن کان انٽرويو ورتو، عورتن کان انٽرويو ورتو ويو، انهن 75 تعلقن جي رهواسي مردن کان ميل عملي انٽرويو ڪيو، جن تي آمريڪي ريسرچ ايسوسيئيشن جي تيار ڪيل ريسپانس ريٽ فارمولي تحت ريسپانس جي شرح اٽڪل 66 سيڪڙو رهي ۽ مارڪيٽ جي بين الاقوامي معيار ۽ سوشل ريسرچ جي طريقي مطابق ڄاڻ کي گڏ ڪيو ويو، آءِ آر آءِ جي ترجمان مطابق ان جو ادارو پاڪستان ۾ 2002 کان ڪم ڪري رهيو آهي، تازو ئي آءِ آر آءِ ن ليگ، پي ٽي آءِ، پ پ، قومي وطن پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، جي يو آءِ ۽ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي نمائندن کي سروي نتيجن کان آگاهه ڪيو آهي.