ڪراچي(هه آ) اطلاعات، محنت ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ جمهوري تسلسل ۽ استحڪام لاءِ صحافت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته معاشري ۾ صحافت رياست جو ڇوٿون ٿنڀ ڳڻيو وڃي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن سنڌ اطلاعات کاتي جو قلمدان ملڻ کان پوءِ اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽرن سان تعارفي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪري
ٽري اطلاعات به موجود هو. هن چيو ته اطلاعات کاتو سنڌ حڪومت جو هڪ انتهائي اهم کاتو آهي جيڪو حڪومت جي ترقياتي ڪمن، پاليسين ۽ مثبت تاثر جي فروغ لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جڏهن ته کاتي جا آفيسر ميڊيا جي توسط سان عوام ۽ حڪمرانن وچ ۾ هڪ پُل جو ڪم ڪن ٿا ۽ جنهن سان عوامي سطح تي تشويش کي گهٽ ڪن ٿا ۽ حقيقت تي ٻڌل معلومات کان کين آگاهه ڪرڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو. صوبائي وزير موقعي تي موجود سمورن ڊائريڪٽرن کي هدايت ڏيندي چيو ته هو پنهنجي دفتري معاملن تي خاص ڌيان ڏين ۽ صحافين سان بهتر تعلقات بڻائين. اطلاعات کاتي جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ چيو ته اوهان جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي. ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات عمران عطا سومرو ۽ ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات کاتو سميع صديقي پاران صوبائي وزير اطلاعات ناصر حسين شاهه کي کاتي جي معاملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته صحافين جي ڀلائي جي ڪمن ۾ خصوصي دلچسپي رکندي سندن مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. اطلاعات کاتي پاران صحافتي برادري جي ڀلائي سميت ٻين مسئلن لاءِ اسپيشل گرانٽ به جاري ڪئي وڃي ٿي.