پاڪستان ۾ اڄ ڪورونا سبب وڌيڪ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، 448 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد / ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)پاڪستان ۾ اڄ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 272 ٿي ويو، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 13106 تائين پهچي ويو آهي.ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ 93 فوتگيون خيبر پختونخواهه ۾ سامهون آيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ 81-81، بلوچستان ۾ 11، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ 3-3 فوتگيون ٿيون آهن.اڄ سڄي ملڪ مان هيل تائين وڌيڪ 448 ڪيس ۽ 7 فوتگيون سامهون آيون، جن مان سنڌ ۾ 383 ڪيس ۽ 3 فوتگيون، پنجاب ۾ 52 ڪيس ۽ 3 فوتگيون، اسلام آباد ۾ 12 ڪيس، جڏهن ته بلوچستان ۾ هڪ ڪيس ۽ هڪ فوتگي رپورٽ ٿي.سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 383 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ۽ 3 فوتگيون ٿيون آهن، جنهن جي تصديق صوبائي حڪومت جي ترجمان ڪئي.مرتضيٰ وهاب موجب نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ صوبي ۾ مريضن جو ڪُل انگ 4615 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3 فوتگين کانپوءِ فوتين جو انگ 81 تائين پهتو آهي.سندس چوڻ هو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 70 ڄڻا صحتياب ٿيا، جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 872 ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 52 نوان ڪيس ۽ 3 فوتگيون رپورٽ ٿيون، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 5378، جڏهن ته فوتين جو انگ 81 ٿي ويو آهي.پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر جي ترجمان موجب هيل تائين پنجاب ۾ 1096 ڄڻا ڪورونا وائرس مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪا آهن.اسلام آباد ۾ آچر ڏينهن ڪورونا جا وڌيڪ 12 ڪيس سامهون آيا، جنهن جي تصديق سرڪاري پورٽل تي ڪئي وئي.نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ شهر ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 235 ٿي ويو، جڏهن ته ان وائرس سبب اسلام آباد ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.بلوچستان مان اڄ هيل تائين ڪورونا جو هڪ ڪيس ۽ هڪ فوتگي سامهون آئي آهي، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 722 ۽ فوتين جو انگ 11 ٿي ويو آهي.صوبائي حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ هيل تائين 177 ڄڻا ان وبا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *