پاڪستان ۾ اسٽار لنڪ به ٽوئيٽر کولي نه سگهندي

نيو يارڪ (عوامي آواز نيوز) پاڪستان ۾ اسٽار لنڪ جي رجسٽريشن ۽ انٽرنيٽ سروس فراهمي بابت ڪجهه تاثر غلط آهن. اسٽار لنڪ، جيڪو اسپيس ايڪس جي سيٽلائيٽ انٽرنيٽ فراهم ڪندڙ منصوبو آهي، موجوده حڪومت جي دور ۾ نه پر عمران خان جي حڪومت ۾ رجسٽرڊ  ٿيو هو. اسٽار لنڪ کي 1 جون 2021 تي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) ۾ رجسٽر ڪيو ويو ۽ فيبروري 2022 ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (اي بي آر) ۾ رجسٽريشن ٿي. ڪمپني اپريل 2022 ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) وٽ لائسنس لاءِ درخواست ڏني، جيڪو اڃا تائين جاري نه ٿيو آهي. اهو معاملو هاڻي اسپيس اينڊ اپر ايٽموسفير ريسرچ ڪميشن (سپارڪو) وٽ آهي. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزا فاطما خواجا ٻڌايو ته اميد آهي ته جلد اسٽار لنڪ پاڪستان ۾ ڪم شروع ڪندي پر اهو به چيو ويو ته اسٽار لنڪ کي پاڪستان ۾ موجود ٻين انٽرنيٽ ڪمپنين جيان قانونن ۽ ضابطن جي پابندي ڪرڻي پوندي. گهريلو واهپيدارن لاءِ اسٽار لنڪ هارڊويئر جو اگهه تقريباً 1 لک رپيا ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪمرشل واهپيدارن کي 2 کان 4 لک رپيا ادا ڪرڻا پوندا. انٽرنيٽ جا پيڪيجز 8 هزار کان 11 هزار رپيا ۽ لامحدود انٽرنيٽ پيڪيج 16 هزار رپيا تائين ٿي سگهي ٿو. اسٽار لنڪ ٻين انٽرنيٽ فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي مقابلي ۾ سستي ۽ جهر جهنگ ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. بهتر انٽرنيٽ سروس سان معيشت کي به فائدو ٿيندو. جيتوڻيڪ، انٽرنيٽ جي سهولت تي پاڪستان جي فائر وال جو اثر رهندو ۽ صارفين کي وي پي اين استعمال ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن حڪومت اجازت نه ڏني، ته اسٽار لنڪ جي مالڪ ايلون مسڪ لاءِ ضروري هوندو ته هو ڊونلڊ ٽرمپ سان پنهنجا واسطا استعمال ڪري اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *