اسلام آباد (اين اين آءِ) نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ لٿل ايس ايس پي ملير رائو انوار ٻاهرين ملڪ ڀڄڻ وارين خبرن کي رد ڪندي چيو ته مان ڪيڏانهن به ڀڄي ناهيان ويو پاڪستان ۾ ئي موجود آهيان خانگي ٽي وي سان اڻچاتل هنڌ تان ڳالهائيندي رائو انوار چيو ته چيو پيو وڃي ته مان بلاول هائوس ۾ آهيان پر ان ۾ ڪابه صداقت نه آهي ۽ آصف زرداري سان منهنجا اهڙي قسم جا واسطا نه آهن 1995 ۾ سٺي ڪم ڪيو ان لاءِ آصف زرداري منهنجي عزت ڪري ٿو رائو انڪوار چيو ته ملڪ رياض جو جهاز ڏٺو به نه آهي ۽ ماڻهو الائي ڇو اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن هن چيو ته پوليس جنهن گهر ۾ ڇاپو هنيو هاڻي به ڪنهن ٻئي جي ملڪيت آهي ۽ پوليس هن گهر تي پوسٽر هڻي هلي ويئي آهي رائو انوار چيو ته مان ڪيڏانهن به ڀڄي ناهيان ويو ملڪ ۾ ئي آهيان پر موجوده حالتن ۾ پيش نٿو ٿي سگهان هن ٻڌايو ته پوليس مقابلي جي ايف آءِ آر ۾ منهنجي پهچڻ جو وقت غلط ظاهر ڪيو ويو آهي انصاف لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي رهيو آهيان هن چيو ته منهنجي پگهار هڪ لک رپيا آهي انڪم ٽيڪس ڪٿان ڏيندس مون وٽ ته پنهنجي سائيڪل نه آهي فاروق دادا کي مارڻ تي جيڪا انعام طور رقم ملي ان سان گهر خريد ڪيو پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ جي حوالي سان رائو انوار ٻڌايو ته صرف هڪ بئنڪ اڪائونٽ آهي جيڪو سرڪاري بئنڪ ۾ آهي جنهن ۾ پگهار ايندي آهي هر مهيني جي 9 ۽ 10 تي پگهار ڪڍي وٺندو آهيان.