پاڪستان ۽ چين ۾ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل زرعي اوزارن جي معاهدي تي صحي
December 13, 2024 at 2:13 pmپاڪستان ۽ چين وچ ۾ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل زرعي اوزارن جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
آيس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان چين جي زرعي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪري پيداوار ۽ شيون ٻاهر اماڻڻ وڌائڻ جو خواهشمند آهي.
پنجاب حڪومت چين جي “ اَي آءِ فورس ٽيڪ” ڪمپني سان مصنوعي ذهانت تي ٻڌل زرعي اوزارن لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
زرعي شعبي ۾ جديد روبوٽڪ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جو مقصد پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ انقلاب آڻڻ آهي.
پنجاب ۾ زرعي ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي هارين جي خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جو عزم آهي.
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ زرعي سهڪار کي وڌائڻ ۽ جديد زرعي ترقي سکڻ جو موقعو آهي.
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال زرعي شعبي کي جديد بڻائڻ لاءِ هڪ هزار زرعي ماهر چين موڪلڻ جو اعلان ڪيو.
چين جي شهر زيان ۾ زرعي ٽيڪنالاجي جي عالمي معيار جي سهولتن جو جائزو وٺڻ آهي.
ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي ڀائيواري ترقي جو رستو صاف ڪيو آهي.