واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي ويهڻ جي ضرورت آهي ۽ آمريڪا ٻنهي ملڪن ۾ سڌي نموني ڳالهين جي حوصلا افزائي ڪندو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو بريفنگ دوران چوڻ هو ته ڪشمير تي آمريڪا جي حڪمت عملي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، ڪشمير واري مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. ترجمان موجب پاڪ افغان سرحدون تي بارڊر لڳائڻ بابت اڃان تائين پاڪستان سان ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي. افغانستان ۽ خطي جي مضبوطي لاءِ پاڪستان کي گھڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ فوجين جي انگ ۾ واڌ پينٽاگون کي ڪرڻي آهي، افغانستان ۾ سفارتي ڪوششن سان سياسي حل ڏانهن وڃي سگھون ٿا.