پاڪستان ۽ افغانستان جو هڪ ٻئي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڀارت حق گهرندڙ ڪشميرين کي دٻائڻ چاهي ٿو. هلندڙ هفتي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي نالي تي اننت ناگ، شوپيا ۽ پلوامه ۾ معصوم ماڻهن تي گوليون هلايون ۽ بعد ۾ جنازن ۾ شريڪ ماڻهن تي پيلٽ گنن سان فائر ڪيا، انهن واقعن ۾ 19 بي گناهه ڪشميري شهيد جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. وفاقي ڪابينا طرفان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت جي خلاف 6 اپريل تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جي اعلان تي سڄي ملڪ ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير ملهايو ويو جنهن تحت احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون.  يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي وزير اعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت حق گهرندڙ ڪشميرين کي دٻائڻ چاهي ٿو، معصوم ڪشميرين تي ظلمن جي تازي لهر ڀارتي بربريت جي نئين مثال آهي، پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي منظم رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *