اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپان ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، ميڊيا ڪرپشن جي روڪٿام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي، آمريڪي سفارتخاني جي تقريب کي خطاب ڪندي سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته پاڪستان ايڪشن نه کڻي ها ته داعش اتر وزيرستان ۾ مرڪز ٺاهي ڇڏي ها، آپريشن ضرب عضب دهشتگردن جي چيلهه ڀڄي ڇڏي آهي، ديني مدرسن جي اصلاح ڪري رهيا آهيون، ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان جي لاءِ وڏا موقعا آهن، افغانستان ۾ امن پاڪستان جي امن جيان آهي، ان موقعي تي آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان آمريڪا جو اتحادي آهي، پاڪستان دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۾ هڪ راٰءِ رکندا آهن.