اسلام آباد: (بيورو) ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف جائزي مشن نئين قرض پروگرام جا تقريبن سمورا طئه ڪري ورتا هئا ۽ هاڻ ٻنهي وچ ۾ معاهدو طئه ٿي ويو آهي.پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو فائنل رائونڊ اڄ ٿيو، جنهن کانپوءِ ٻنهي جي وچ ۾ معاهدو طئه ٿي ويو، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ طئه ٿيندڙ اهو 22 هون معاهدو آهي، آءِ ايم ايف ٽي سالن جي پروگرام جي تحت پاڪستان کي اٺ ارب ڊالرن تائين قرض ڏيندو، ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف جائزي مشن نئين قرض پروگرام جا سمورا جذا طئه ڪري ورتا هئا.آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جائزي مشن جي رپورٽ جي روشني ۾ پاڪستان لاءِ قرض پروگرام جي منظري ڏني، آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال جي ڊي پي جي مقابلي ۾ ٽيڪس جي شرح 11.7 سيڪڙو مان وڌائي 13.2 سيڪڙُ جڏهن ته سڌو سنئون ٽيڪس جو ڪاٿو 1619 ارب روپين مان وڌائي 1904 ارب روپيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.