پاڪستان ڪيترائي سال ڊبل گيم کيڏندو رهيو، جيڪو آمريڪا جي لاءِ ناقابل قبول آهي: آمريڪي سفير جو الزام

نيويارڪ (اين اين آءِ) گڏيل قومن ۾ آمريڪي صدر نڪي هيلي الزام مڙهيو آهي ته پاڪستان ڪيترائي سال ڊبل گيم کيڏندو رهيو جيڪا آمريڪا جي لاءِ ناقابل قبول آهي گڏيل قومن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته امداد روڪڻ جو تعلق فلسطين تي قرارداد سان نه پر دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ سان آهي هن الزام مڙهيو ته هو اسان سان ڪم به ڪندو رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف دهشتگ
ردن کي پناهه به ڏيندو رهيو آهي جيڪي افغانستان ۾ اسان جي فوجين تي حملا ڪن ٿا هن چيو ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان وڌيڪ تعاون چاهيون ٿا نڪي هيلي ان موقعي تي چيو ته ايران ۾ ٿيندڙ مظاهرن جي معاملي تي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو وڃي هن چيو ته ايران جي معاملي تي ايندڙ ڏينهن ۾ گڏيل قومن ۾ ضرور آواز اٿڻ گهرجي اسان ان ڏس ۾ جلد هنگامي اجلاس طلب ڪنداسين. هن چيو ته ايراني عوام آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *