پاڪستان ڪنهن ٺاهيو؟قومي اسيمبلي ۾ بحث:جيئي سنڌ جا نعرا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ نون بحث ڇِڙي ويو ته پاڪستان ڪنهن ٺاهيو. اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان لاءِ مهاجرن جو قرض اسان کي نه وسارڻ گهرجي، اُنهن جي ڪري ئي انگريزن مڃو ته محمد علي جناح واحد مسلمانن جو ترجمان آهي. خورشيد شاهه کيس جواب ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان لاءِ سڀ کان پهرين بنگال (موجوده بنگلاديش) ۽ سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ پاس ڪيا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب دوران اسد عمر نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو ته پاڪستان ڪنهن ٺاهيو؟ پي ٽي آءِ ايم اين اي چيو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري مهاجرن لاءِ چيو هو ته کين ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو هو ۽اسان اُنهن کي پناهه ڏني، مهاجرن پاڪستان نه ٺاهيو آهي. پي ٽي آءِ ايم اين اي چيو ته تاريخ کي ٿورو وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته پاڪستان ڪنهن ٺاهيو. جِن کي ڀڄايو ويو، اُنهن پاڪستان لاءِ ڇا ڪيو آهي. اسد عمر چيو ته گڏيل هندستان ۾ اليڪشن دوران بنگال، آسام، يوپي، بمبئي، مدراس، سي پي، بهار ۽ اُڙيسا جي مسلمانن ڪانگريس کي 92 سيڪڙو ووٽ ڏياريا، اُن کانپوءِ انگريزن مڃي ورتو ته مسلمانن جو واحد ترجمان محمد علي جناح آهي. اسان کي اُنهن مهاجرن جو قرض نه وسارڻ گهرجي. اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته پاڪستان کي نه ورهايو ته جيئن اسان به توهان سان گڏجي نعرو هڻون ته جيئي سنڌ، سنڌ وارا جيئن ۽ جيئي پاڪستان. پي ٽي آءِ ايم اين اي کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه خطاب ڪيو ۽ تاريخي حوالا ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان لاءِ سڀ کان پهرين سنڌ ۽ بنگال ٺهراءُ پاس ڪيا، اُهو بنگال، جيڪو هاڻ بنگلاديش ٿي ويو آهي. پاڪستان ٺهڻ جو ڪريڊٽ سنڌ ۽ بنگال ڏانهن وڃي ٿو. هاڻي ڪير پنهنجي الڳ تاريخ ٺاهي ٿو ته اُها ٻي ڳالهه آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *