اسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ٿو ڪري، اسرائيلي شهرين کي پاڪستان آمد جي مشروط اجازت ڏيڻ بابت گهرو وزارت جوابده آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوا بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته وزيراعظم عمران خان ترڪ صدر جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي دوري تي ترڪي ويو آهي، ساڻس اعليٰ سطحي وفد به گڏ آهي. هن چيو ته وزيراعظم ترڪ اختيارين سان وفد جي سطح تي ڳالهيون ڪندو، پرڏيهي وزير افغان مفاهمتي عمل تي پاڙيسري ملڪن کي اعتماد ۾ ورتو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي مدد بابت آگاهه ڪيو ويو، پاڙيسري ملڪن افغان ڌرين جي گڏيل رابطن جي پاڪستاني تجويز جي حمايت ڪئي آهي، پرڏيهي وزير قطر جي دوري دوران ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون، وزيراعظم عمران خان به جلد قطر جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪلڀوشن جو ڪيس هن وقت عدالت ۾ آهي، ان حوالي سان خبر حقيقت جي ابتڙ آهي، اسان عدليه جي احترام ۾ ان تي نه ڳالهائينداسين. هن چيو ته پاڪستان اسرائيل کي قبول نه ٿو ڪري، ان حوالي سان لسٽ بابت گهرو وزارت جوابده آهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته اسان آمريڪا سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، ڊونلڊ ٽرمپ جو اڄوڪو بيان 2018ع جي ٽويٽ ۾ تبديلي آهي، اسان اهڙي اهم اڳڀرائي جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ويانا ڪنوينشن جو مڪمل احترام ڪري ٿو، جرمن سفير لاڳاپيل اختيارين کي ٻڌائي سفر ڪندو آهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان بنگلاديشن جي عام چونڊن ۾ حسينا واجد جي ٻيهر ڪاميابي جي آجيان ڪري ٿو، اميد آهي ته 1974ع جي ٺاهه تحت هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان سمورن مسئلن تي ڳالهائيندو آهي، ايل او سي تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي تي وقتي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري احتجاج ڪيو ويو آهي، ڀارت گڏيل قومن جي مبصر مشن کي لائن آف ڪنٽرول جي علائقن ۾ وڃڻ جي اجازت ڏي، سرجيڪل اسٽرائيڪس ڪڏهن نه ٿيون آهن، ڀارتي ميڊيا پاڻ به ڀارتي دعويٰ کي رد ڪري چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني فورسز متحرڪ ۽ هوشيار آهن، پاڪستان ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو، فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 2 ڊرونز ڪيرائي وڌا آهن. ڊاڪٽر فيصل چيو ته يمن ۾ هڪ هزار پاڪستاني فوجي موڪلڻ جون ڳالهيون غلط آهن، آمريڪي اخبار ۾ شايع ٿيل خبر کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته مصر ۾ پاڪستانين کي واپس آڻن جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستانين کي کاڌو وغيره سفارتخانو فراهم ڪري رهيو آهي، جلد خوشخبري ٻڌڻ لاءِ ملندي.