اسلام آباد (بيورو): پرڏيهي وزارت مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪلڀوشن جي گهرواري کي ملاقات جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪلڀوشن جي گهرواري کي پاڪستان گهرائي ڪلڀوشن سان ملاقات ڪرائي ويندي، پرڏيهي وزارت موجب پاڪستان باضابطا آڇ جو خط ڀارتي هاءِ ڪميشن کي اماڻي ڇڏيو آهي، ڪلڀوشن جاديو 3 مارچ 2016 تي بلوچستان جي سرحدي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو هيو، ڪلڀوشن جاديو تي پاڪستان ۾ دهشتگردي، جاسوسي جا سخت الزام آهن، پرڏيهي وزارت موجب ڪلڀوشن سمورن الزامن جو ماجسٽريٽ سامهون اعتراف ڪري چڪو آهي، ڪلڀوشن جاديو تي پاڪستان ۾ دهشتگردي، جاسوسي جا سخت الزام آهن، پرڏيهي وزارت موجب ڪلڀوشن جي گهرواري کي ملاقات جي آڇ انساني بنيادن تي ڪئي وئي.