پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بابت باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بابت ڪو به باضابطا اعلان ناهي ڪيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به باضابطا اعلان ناهي ڪيو ان ڪري سرڪاري بيان تائين ڪنهن به اڳڪٿي ۾ نه پوڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته ترڪي جا ٿورائتا آهيون جنهن ثابت ڪيو ته هو هر صورت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان کي ترڪي جهڙن ڀائر ملڪ تي فخر آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *