پاڪستان کي ڊڪٽيٽرن ٺيڪ ڪيو، سولين ٻيڙو غرڪ ڪيو، آرٽيڪل 6 جو ڪيس درست نه آهي: مشرف

August 4, 2017 at 8:49 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته ملڪ ۾ جڏهن به مارشل لا لڳائي وئي اهو ان وقت جي حالتن جي گهرج هئي، پاڪستان ۾ فوج ملڪ کي پٽڙي تي آڻي ٿي ۽ سولين اچي ٻيهر ان کي پٽڙي تان لاهين ٿا، عوام ۽ ملڪ کي ترقي، عوام کي روزگار، خوشحالي ۽ سيڪيورٽي گهرجي، ايشيا جي سمورن ملڪن ۾ ترقي ڊڪٽيٽرن ئي سبب ٿي آهي، پاڪستان کي به ڊڪٽيٽرن ٺيڪ ڪيو، سولين تي ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي آزادي جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي بي بي سي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته چاهي ڊيموڪريٽي هجي يا ڊڪٽيٽر شپ يا ڪميونزم هجي يا سوشل زم يا بادشاهت هجي عوام کي يا ملڪ کي ان سان ڪو به فرق نٿو پوي. هن چيو ته سولين حڪومتون فوجي حڪومتن جو رڪارڊ ڏسن، فوجين جي دور ۾ ملڪ هميشه ترقي ڪئي، هن چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪرائي وئي ليبرٽي ڏني وئي پر خوشحالي نه ڏني ته ان جو ڪهڙو فائدو، هن چيو ته پاڪستان ٽوڙڻ ۾ فوج جو نه پر ڀٽي جو قصور هو ڪجهه الزام يحيٰ خان تي اچن ٿا پر ايوب خان جي 10 سالن جي حڪومتي دور ۾ ملڪ ترقي جا رڪارڊ حاصل ڪيا، مشرف تسليم ڪيو ته ضيا جو دور تڪراري هو مان به تسليم ڪندس ته هن ملڪ کي مذهبي انتهاپسندي ڏانهن ڍڪيو ۽ انهن ڳالهين جو اثر ملڪ تي اڄ به آهي پر جيڪا ضياءُ الحق طالبان ۽ آمريڪا جي مدد ڪئي، سوين يونين خلاف هن بلڪل ٺيڪ ڪيو، پرويز مشرف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي الزام لڳايو ته ان جي انڊيا پاليسي ٽوٽل سيل آئوٽ پاليسي هئي، انڊيا بلوچستان ۾ ملوث آهي ۽ جيڪو پاڪستان کي نه مڃيندو ملڪ جي بقا خلاف هوندو ان کي مارڻ گهرجي، هن چيو ته مان فوج جو سربراهه رهيو آهيان ۽ يقين آهي ته فوج هميشه منهنجي ڀلائي ڏانهن ڏسندي آهي.

اي پيپر