اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اهڙو پاڪستان ٺاهڻ چاهيون ٿا، جيڪو دنيا ۾ هڪ عالمي طاقت طور اُڀري.نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ري سيٽنگ روبوٽڪ پاڪستان جي عنوان سان سينيمار جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ روزگار جا وڏا موقعا آهن، نوجوان نسل کي هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي پاڻ تي ڀاڙيندڙ ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا.هن چيو ته اهڙو پاڪستان ٺاهڻ چاهيون ٿا، جيڪو دنيا ۾ هڪ عالمي طاقت طور اُڀري، حڪومت انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي شعبي لاءِ سازگار ماحول ۽ سهڪار فراهم ڪندي.سيمينار ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، وفاقي وزير فواد چوڌري، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پڻ شرڪت ڪئي.