ڪراچي: (م ڊ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ ڪراچي جي احتساب عدالت پهچايو ويو.تفصيل موجب آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي ڪراچي جي احتساب عدالت پهچايو ويو.احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته عبادت سبب جيل ۾ ٽي وي ڏسڻ جو ت نه ٿو ملي، هن وقت ملڪ ۾ آءِ ايم ايف ئي آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪري رهي آهي.آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اپوزيشن سان جيڪڏهن سٺا لاڳاپا ناهن ته اجلاس هلائڻ ڏکيو ٿي ويندو.