پاڪستان چين جهڙي پاڙيسرين سبب دفاعي بجيٽ ۾ واڌ ٿي آهي: ڀارتي ماهر
February 3, 2017 at 1:17 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
نئين دهلي (اين اين آءِ)ڀارتي دفاعي معاملن واري ماهر ۽ تجزيو ڪندڙ اودي باڪسر چيو اهي ته انڊيا جي اسٽريٽجڪ صورتحال اها آهي ته هڪ طرف ته چين آهي جنهن سان سن 62 ۾ جنگ ٿي ان سان سرحدي اختلاف آهن ۽ ان جي هڪ پنهنجي تاريخ آهي ٻئي طرف پاڪستان آهي جنهن سان 4 جنگيون ٿي چڪيون آهن ته ان پس منظر ۾ ڪير ڪيترن ئي طرح جا للڪار ۽ مسئلا درپيش آهن ڇو ته ڀارت مقامي سطح تي هٿيار ٺاهڻ ۾ خودڪفيل نه آهي ان لاءِ پرڏيهي ملڪ مان هٿيار خريد ڪرڻ ان جي هڪ مجبوري آهي جديد هٿيارن ۽ دفاعي سازوسامان جي تياري سان خريداري انڊيا جي منجبور آهي ان لاءِ دفاعي بجيٽ جي ضرورت آهي برطانوي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪا جو ساليانو دفاعي بجيٽ تقريبن 600 ارب دالر آهي چين جو تقريبن 100 ارب ڊالر آهي جڏهن ته انڊيا جو تقريبن 45 ارب ڊالر آهي ته اسٽريٽجڪ نقطئه نظر سان اهو ايترو وڏو بجيٽ نه آهي هن چيو ته ڀارت مسلسل تقريبن 10 سيڪڙو کان پنهنجي سالياني بجيٽ ۾ واڌ ڪندو رهيو آهي. پر ان جو هڪ وڏو حصو ناڻي جي وڌندڙ شرح جي ور چڙهي وڃي ٿو ٻئي طرف بحريه فضائي ۽ بري فوج جي لاءِ جديد ترين هيٿار جي خريداري ان جي مجبوري به آهي. هن چيو ته انڊيا جي اسٽريٽجڪ صورتحال اها آهي ته هڪ طرف چين آهي جنهن سان سن 62 ۾ جنگ ٿي ان سان سرحدي اختلاف آهن ۽ ان جي هڪ پنهنجي تاريخ آهي ٻئي طرف پاڪستان آهي جنهن سان 4 جنگيون ٿي چڪيون آهن.