پاڪستان ڀارت کي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به جارحيت جي ڪوشش جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل موجب ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو ۽ پاڪستان طرفان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط ڏنو ويو. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان طرفان ڀارت کي ڪنهن به مس ايڊوينچر جي صورت ۾ سخت وارننگ ڏني وئي. ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀارت ڪنهن به قسم جي جارحيت جي ڪوشش ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. پاڪستان طرفان اها وارننگ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي بيان کانپوءِ ڏني وئي آهي، جنهن چيو هو ته اسان وٽ چٽا ثبوت موجود آهن ته ڀارت پاڪستان ۾ وڌيڪ هڪ حملي جي رٿابندي ڪري رهيو آهي، اها ڪارروائي 16 کان 20 اپريل جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿي. شاهه محمود قريشي جي بقول ڀارت بهاني طور والاريل ڪشمير ۾ پلواما جهڙو واقعو به ڪرائي سگهي ٿو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته خطي تي ان جا ڪهڙا اثر پوندا، ان جو اندازو لڳائي سگهون ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *