ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي مردم شماري جي طريقي ڪار کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مردم شماري جي طريقي ڪار کي چيلينج ڪندي وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي ڌر بڻايو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي فرحت الله بابت چيو ته غلط ڄاڻ جي شڪايت جي ازالي جو ميڪنزم هئڻ گهرجي، اهم ڄاڻ ويب سائيٽ تي به وڌي وڃي جيئن ڄاڻ جو علم هجي. هن چيو ته اسان ٻيهر مردم شماري جو مطالبو ناهيون ڪري رهيا، موجوده طريقي ڪار کي ئي شفاف بڻايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مردم شماري تي خدشا آهن، ڄاڻ تائين پهچ اسان جو بنيادي حق آهي.