پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينھن جي دوري تي لاڙڪاڻي پھچي ويو

لاڙڪاڻو (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينھن جي دوري تي لاڙڪاڻي پھچي ويو. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تڪ جو دورو ڪرڻ سان گڏ پارٽي ڪارڪنن سان تعزيتون پڻ ڪندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي پ پ سٽي لاڙڪاڻي جي صدر نور الدين ابڙو سان سندس گھرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي.ٻئي پاسي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته منهنجي پريس ڪانفرنس کي 4 ڏينهن گذري ويا، پي ٽي آءِ وارن ڪو جواب ناهي ڏنو، ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارا مالم جبا، بي آر ٽي ۽ سلائي مشين ڪرپشن تي جواب ڏين، پرڏيهي فنڊنگ ڪرپشن، ابراج گروپ ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪرپشن تي جواب ڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *