اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ جي اڳواڻن جي خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو رپورٽ موجب پوليس پاران سرڪار جي فرياد تي پ پ پ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر ۽ راجا شڪيل عباسي سميت 70 جيالا نامزد آهن ڪيس ۾ پوليس اهلڪارن تي حملو سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت ۽ ڀڃ ڊاهه جا قلم شامل آهن پوليس پاران داخل ڪيس ۾ غيرقانوني جلوس، حڪومتي ادارن جي خلاف توهين وارن نعرن جا قلم به شامل آهن جڏهن ته ڪيس ۾ چيو ويو ته پيپلزپارٽي جا ڪارڪن جلوس ڪري نادره چوڪ آيا ڪارڪن حڪومت، نيب جي خلاف توهين وارا نعرا هڻي رهيا هئا علائقي جي مئجسٽريٽ قلم 144 لڳائڻ کان آگاهه ڪندي ڇڙوڇڙ ٿيڻ لاءِ چيو جڏهن ته پ پ پ ڪارڪنن پوليس اهلڪارن تي حملو ڪري ڏنو ۽ ڪارڪنن رنڊڪون ٽوڙيندي نيب آفيس جي ٻاهرين گيٽ تائين پهچي ويو ڪيس ۾ چيو ويو ته پ پ پ ڪارڪنن جي حملي ۾ 9 پوليس اهلڪار ۽ صحافي زخمي ٿيا حملو ڪندڙ پ پ پ جا 20 ڪارڪن گرفتار ٿيا ۽ مصطفيٰ نواز کوکر ۽ راجا شڪيل سميت 50 ما،ڻهو فرار ٿي ويا هئا ذريعن موجب مصطفيٰ نواز جي گرفتاري لاءِ سينيٽ جي چيئرمين سان رابطو ڪيو ويندو ۽ سينيٽ جي چيئرمين جي اجازت کان پوءِ مصطفيٰ نواز جي گرفتاري جو امڪان آهي.