راولپنڊي(م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور باجوه آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان آمريڪا جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ميڪ ماسٽر سان ملاقات جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي قومي سلامتي واري صلاحڪار ميڪ ماسٽر جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي جتي هن کي دهشتگردي خلاف جنگ ۽ خطي جي مضبوطي جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن تي بريفنگ ڏني وئي، هن کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رنگ ۽ نسل کان مٿانهون ٿي ڪارروائي ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان پاڻ اسٽيٽ اسپانسر دهشتگردي جو شڪار آهي، اسان ڪنهن جي لاءِ جنگ وڙهڻ واري الزام کي سختي سان رد ڪيون ٿا ۽ پاڪستان پنهنجي سر زمين ڪنهن جي خلاف نه استعمال ٿيڻ نه ڏيندي.