پاڪستان وڏي مشڪل سڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏنو: آرمي چيف

اسلام آباد(بيورو )ڊي جي آءِ ايس پي آر  ميجر جنرل  آصف غفور  سوشل ميڊيا  تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آرمي چيف  جنرل قمر جاويد باجوه  ڊفينس  يونورسٽي اسلام آباد   جو دورو  ڪيو ۽  ڪورس مڪمل  ڪندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏني . آرمي چيف  پاران قومي سلامتي  ۽ جنگي تربيتي  ڪورسز ڪندڙ آفيسرن  کي خطاب ڪندي  چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام  لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي .  پر خطي  ۾ جٽادار امن  لاءِ اسٽيڪ هولڊرز  کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو . هن چيو ته هر رنگ ۽ نسل  کان مٿانهون  ٿي پاڪستان جو تعلق  پاڪستانين سان آهي .  جنرل قمر جاويد باوجود جو چوڻ هو ته  پاڪستان جي اندروني چيلينجز  کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته  قانون جي حڪمراني  ٿئي ۽  اسان کي فرضن جي ادائيگي  کي پنهنجي حقن جي برابر ترجيح  ڏيڻي پوندي .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *