پاڪستان وڌيڪ ظلم ڪيا ته سنڌ کي ان کان الڳ ڪيو ويندو: ڀارتي جنتا پارٽي جو ميمبر

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي جنتا پارٽي جي ميمبر سبرامينين سوامي چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ڪلڀوشن کي موت جي سزا ٿو ڏئي ته ڀارت کي به گهرجي ته هو بلوچستان کي هڪ ملڪ تسليم ڪري. رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ هن چيو آهي جيڪڏهن پاڪستان ائين ڪندو ته ڀارت کي ڪرڻ گهرجي ته بلوچستان کي هڪ آزاد ملڪ تسيلم ڪري. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪلڀوشن کان پوءِ پاڪستان وڌيڪ ظلم ڪندو رهندو ته ان جي صوبي سنڌ کي ان کان الڳ ڪيو ويندو.  ڀارتي حڪومت کي ڪرڻ گهرجي ته ڪلڀوشن جي موت جي سزا ڏيڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي سنگين  نتيجن کان آگاهه ڪري. ٻئي پاسي ڀارت جي پرڏيهي صلاحڪار سشما سوراج پاڪستان کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ڪلڀوشن جي معاملي کان بي خبر ناهيون، ڪلڀوشن ڀارت جو پٽ آهي، هن کي بچائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين، ضرورت پئي ته ڀارتي صدر سان به رابطو ڪنداسين. ڀارت جي پرڏيهي صلاحڪار سشما سوراج راجيه سڀا ۾ بيان ڏيندي چيو ته ڪلڀوشن جي آزادي جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو وڪيل ڪنداسين، ڪلڀوشن جي معاملي تي سندس وارثن سان رابطي ۾ آهيون، ڪلڀوشن تي اڳڀرائي تي پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن کي نظر ۾ رکي. هن وڌيڪ چيو ته ڪلڀوشن ياديو خلاف پاڪستان جي ڪارروائي بنا جواز آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *