پاڪستان وٽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري شعبي ۾ دنيا کي پيش ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه آهي: وزيراعظم

رپورٽ : ويب ڊيسڪ : اسلام آباد: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان وٽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ دنيا کي پيش ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه آهي، سائنس اقتصادي، سياسي ۽ سماجي واڌويجهه ۽ صلاحيت لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، قومي ترقي لاءِ حڪومت، نجي شعبي، اڪيڊميز ۽ دانشور گڏجي ڪم ڪن، تعليم ۽ سائنس جي شعبي تي ڌيان ڏئي پاڪستان تمام جلد دنيا جي ترقي يافتا قومن ۾ پنهنجو جائز مقام حاصل ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم امن ۽ ترقي ۲۰۱۷ع بابت سائنس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام چئي ته سائنسي دريافت انساني ترقي ۽ خوشحالي جو هڪ بنيادي محرڪ رهي آهي ۽ اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته سائنسي تحقيق پسندي اسلامي دنيا جي ميراث رهي آهي، مسلمان دانشورن يورپ جي تاريخي دورن دوران پڻ سائنسي علم ۽ تحقيق جي جذبي کي زندهه رکيو. وزيراعظم چيو ته لاهور جي هڪ نوجوان محمد شهير نيازي جي تازي شاندار ڪاميابي جنهن رڳو ۱۷ سالن جي عمر ۾ رائل سوسائٽي اوپن سائنس جرنل ۾ مقالي جي اشاعت اسان جي قابل ماڻهن جي زبردست صلاحيت جو ثبوت آهي. هن چيو ته هن سال سائنس جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع سائنس فار گلوبل انڊر اسٽينڊنگ وقتائتو آهي، پاڪستان وٽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ دنيا کي پيش ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه آهي جڏهن ته هو ٻين ملڪن کان به گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته عوامي صحت، انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر سافٽ ويئر جهڙن شعبن ۾ پاڪستان جو طريقيڪار عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي، هر سال پبلڪ پاليسي جي معاملن ۾ نئين چئلينجن کي سائنسي طريقي سان منهن ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستاني سائنسدانن ۽ عملدارن پوليو ۽ ڊينگي بخار جهڙن مرضن جي اثرن تي گڏجي بهتر طريقي سان ضابطو آندو آهي، پنجاب ۾ سموگ جي تازي صورتحال به هڪ نئون ماحولياتي چئلينج آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان جا سائنسدان ڪم ڪري رهيا آهن، مون کي يقين آهي ته اسان ان مسئلي تي به جلد ضابطو آڻي وٺنداسين. وزيراعظم چيو ته سائنس اقتصادي، سياسي ۽ سماجي واڌويجهه ۽ سگهه جي لاءِ اڳ کان وڌيڪ بنيادي اهميت رکي ٿي جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ان ڏس ۾ پاڪستان حڪومت اسان جي معاشري ۽ معيشت کي تعليم خاص طور تي سائنسز جي شعبي ۾ برتري کي مستقبل ۾ وڌائڻ جي عزم کي ورجائي ٿي. ان سلسلي ۾ پوري معاشري ۾ تعاون ۽ هم آهنگي جي ضرورت آهي ته جيئن حڪومت، نجي شعبو، اڪيدميز ۽ دانشور قومي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم چيو ته مون کي پنهنجي عوام تي اعتماد آهي، پنهنجي ٻارن ۽ نوجوانن جي تعليم تي ڌيان ۽ سائنس جي شعبي ۾ تحقيق ۽ اسڪالرشپ جي روايت کي مضبوط بڻائيندي پاڪستان تمام جلد دنيا جي ترقي يافته قومن ۾ پنهنجو جائز مقام حاصل ڪري وٺندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *