پاڪستان هٿيارن جي ڊوڙ خلاف پنهنجي سلامتي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا: ترجمان پرڏيهي آفيس

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيوآهي ته پاڪستان هٿيارن جي ڊوڙ خلاف آهي پنهنجي سلامتي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول تي جنگبندين جي خلاف ورزين پاڪستان جي لاءِ ڳڻتي جوڳيون آهن افغانستان هڪ خودمختيار ملڪ ۽ پنهنجن فيصلن ۾ آزاد آهي اقتصادي تعاون تنظيم واري اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي ها پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ بارڊر کي سيل ڪيو معاملي جي حل لاءِ ٻنهي ملڪن کي بارڊر جي نگراني موثر بنائڻ جي ضرورت آهي خميس تي هفتيوار پريس بريفنگ دوران نفيس ذڪريا چيو ته ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول تي خلاف ورزيون پاڪستان لاءِ ڳڻتي جوڳيون آهن ڀارت ڪشمير ۾ ظلم تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ايل او سي تي اهڙيون ڪارروايون ڪري رهيو آهي ڊسمبر 2016 کان ايل او سي جي 1400 خلاف ورزيون ڪيون ويون انهن ۾ هن وقت تائين 400 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ڪلڀوشن يادو جي معاملي تي پرڏيهي آفيس ٻڌايو ته بلوچستان کان گرفتار را جو ايجنٽ ڪلڀوشن ڀارتي تجربيڪار حاصر سروس آفيسر آهي ان حوالي سان معاملو ڀارتي اختيارين کان اٿاريو ويو آهي جڏهن ته اڃا تائين ڀارت ڪوبه جواب نه ڏنو ڪلبوشن يادو جي معاملي تي گهرو وزارت معاملن کي ڏسي رهي آهي ڪلبوشن يادو جي ڪائونسلر جو جواب گهرو وزارت ڏيئي سگهي ٿي اقتصادي تعاون تنطيم جي اجلاس ۾ افغان قيادت جي عدم شرڪت تي ترجمان چيو ته اي سي او اجلاس هڪ اهم نتيجي وارو ويزن 2025 جي صورت ۾ سامهون آيو ۽ ميمبر ملڪن ترقي خوشحالي ۽ رابطن تي اتفاق ڪيو افغانستان هڪ خودمختيار ۽ پنهنجي فيصلن ۾ آزاد آهي ان کي اقتصادي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته ڪابل ۾ فوجي اسپتال تي حملي جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ چيو ته متاثرين لاءِ دعاگو ۽ ڏکايل خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *