پاڪستان هاڻ سينيٽائزر ۽ ڊس انفيڪٽنٽس برآمد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي:فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان هاڻ سينيٽائزر ۽ ڊس انفيڪٽنٽس برآمدڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي.اسلام آباد ۾ ڪامسٽيڪ هيڊ ڪوارٽرز ۾ تقريب کي خطاب  فواد چوڌري چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ پاڪستان کي سينيٽائزر ۽ ڊس انفيڪٽنٽس جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو هو ۽ اڄ اسان نه رڳو پاڻ سينيٽائزر بڻائي رهيا آهيون پر ان جي برآمد جي صلاحيت به رکون ٿا.فواد چوڌري چيو ته اسان ڪامرس واري وازرت طرفان سينيٽائزر جي برآمد تي لڳل پابندي هٽائڻ جا منتظر آهيون.هن چيو ته دنيا ۾ ڪورونا ٽيسٽنگ ڪٽون هفتن ۾ ٺاهيون وينديون آهن ۽ ان تي اسان به ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزارت فرنٽ لائن ورڪرز جي لاءِ حفاظتي طبي اوزارن جي تياري ۾ خانگي شعبي جي ڪردار جي تعريف به ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *