اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان لاءِ عظيم خوشخبري آهي، نيٺ صحيح رُخ ڏانهن هلي پيا آهيون.ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته سيپٽمبر ۾ 73 ملين ڊالر جي سرپلس سان ڪرنٽ اڪائونٽ پهرين ٽن مهينن لاءِ 792 ملين ڊالر سرپلس ٿي ويو آهي.هن چيو ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ 1492 ملين ڊالر خسارو هو، جڏهن ته گذريل مهيني ۾ برآمد 29 سيڪڙو وڌي ۽ ناڻي جي پهچ ۾ 9 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.